دين محمد سيد

دين محمد، سيد: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته: ”سيد دين محمد، سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو فرزند هو. سيد عبدالڪريم جهان مان وڃڻ وقت پنهنجي پٽ سيد دين محمد کي سڏي ولايت جي امانت ڏني. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو هيءُ پٽ ولايت ملڻ کان پهرين دنيا جو خواهشمند هو، پر ولايت ملڻ کانپوءِ دنيا کان پري ٿي ويو. ڪارا ڪپڙا پائي سجاده نشينيءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ پنهنجي پيءُ واري رستي تي هلڻ لڳو. اڪثر وقت درگاهه تي وعظ ڏيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو